نور احمد چانڊيو

نور احمد چانڊيو

چانڊيو نور احمد

چانڊيو، نور احمد: نوراحمد ولد حاجي امير احمد ’امير‘ چانڊيو، پهرين جنوري 1958ع تي ڳوٺ شادي خان چانڊيي، تعلقي سڪرنڊ، ضلعي شهيد بينظيرآباد (نواب شاهه) ۾ ڄائو، پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول موري مان ڪرڻ بعد انٽر مهراڻ ڪاليج موري مان ڪيائين. کيس ننڍي هوندي کان ئي ادب سان شوق رهيو. سنڌ جي نامياري مزاحمتي شاعر ۽ اديب خاڪي جويي سان گڏ سڪرنڊ ۾ سنڌي ادبي سنگت ۾ سرگرم رهيو ۽ تنظيم جو پهريون جوائنٽ سيڪريٽري ٿيو. هيءُ سٺو ڪهاڻيڪار به آهي. سندس پهرين ڪهاڻي ’مري ٿيا نه مات‘ نالي سان اروڙ پبليڪيشن موري پاران شايع ٿي. ان کان سواءِ سندس ڪهاڻيون ۽ شعر ملير ڊائجسٽ ۽ ماهوار سهڻيءَ ’اداره روشن ادب‘ سڪرنڊ ۽ ’اداره گلشن ادب‘ (ٽنڊي محمد خان) رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. شاگرديءَ جي زماني کان وٺي سياست ۾ حصو ورتائين. لالا قادر ۽ مظهر بلوچ ۽ ٻين ساٿين سان گڏجي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ سنڌي شاگردن جي تنظيم ’ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جو بنياد وڌائين، ۽ هو ان جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. ’ماروئڙا اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جي ’سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ (سپاف) ۾ ضم ٿيڻ بعد هيءُ 1973ع ۾ سپاف ضلعي نوابشاهه جو صدر مقرر ٿيو. 1983ع ۾ سنڌ پيپلز يوٿ جو پهريون تعلقي صدر، ضلعي نوابشاهه جو صدر، مرڪزي سينئر نائب صدر ۽ سکر جو ڊويزنل صدر به رهيو. ان عرصي دوران ڪجهه وقت ’چانڊيا اتحاد‘ تعلقي سڪرنڊ جو صدر به رهيو. گهڻو عرصو پيپلز پارٽيءَ ۽ پوءِ مرتضيٰ ڀٽي جي پارٽيءَ سان وابسته رهيو، مرتضيٰ ڀٽي جي شهادت کان پوءِ پاڪستان مسلم ليگ (ق) ۾ شموليت اختيار ڪيائين. هن وقت مسلم ليگ (ق) تعلقي سڪرنڊ جو صدر ۽ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.01.01  عيسوي

نوراحمد ولد حاجي امير احمد ’امير‘ چانڊيو، پهرين جنوري 1958ع تي ڳوٺ شادي خان چانڊيي، تعلقي سڪرنڊ، ضلعي شهيد بينظيرآباد (نواب شاهه) ۾ ڄائو،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جسوڌڻ
بهروز سبزواري
شوڪت حسين رضوي
پوپ بينيڊيڪٽ 16هون پوپ
چانڊيو غلام قادر
حافظ محمود اسعد هاليجوي
پير صدرالدين
بيگن ٻارڻ
مخدوم عبدالواحد سيوستاني
ايس جي ڀاڳيا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون